دروت ڊيم

دروت ڊيم

دروت ڊيم

دروت ڊيم (Darwat Dam): دروت ڊيم ضلعي ڄامشوري جي ڳوٺ جهانگيريءَ ڀرسان بارڻ نئن تي تعمير ٿي رهيو آهي. هن ڊيم جي ايراضي اٽڪل 70 ڪلوميٽر الهندي حيدرآباد طرف ۽ 135 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ آهي، جنهن تائين ڪراچي، حيدرآباد، سپر هاءِ وي کان رسائي ممڪن آهي. هن ڊئم جي مرڪزي آفيس ٺٽي ۾ واقع آهي. هن ڊيم جو بنيادي مقصد بارڻ نئن جي ميداني پاڻيءَ کي 50,000 ايڪڙ ايراضيءَ واري زمين جي آباديءَ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. هن ايراضيءَ کي 50,000 ايڪڙن مان 80,000 ايڪڙن تائين جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان وڌائي سگهجي ٿو. حڪومت طرفان هن ڊيم جي پاڻيءَ مان آباد ٿيندڙ زرعي زمين غريب عورتن ۾ ورهائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.
دروت ڊيم سيمينٽ ۽ پٿرن سان ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان جبل آهي. هن بند جي ٽاپ ويڪرائي 9 ميٽر (30 فوٽ) آهي، جڏهن ته اوچائي 43 ميٽر (141 فوٽ) آهي. هن ڊيم ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش 147,46 ايم. سي. ايم (119,546 ايڪڙ فوٽ) هوندي. ڊيڊ اسٽوريج 39.82 ايم. سي. ايم (32,283 ايڪڙ فوٽ) ۽ لائيو اسٽوريج 107.64 ايم. سي. ايم (87,264 ايڪڙ فوٽ) رکيو ويندو. هن ڊيم جو مدو 100 سال رٿيو ويو آهي ۽ ان ۾ 5918.05 ڪيوسڪ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي جمع ڪرڻ جي صلاحيت هوندي. دروت ڊيم نه رڳو زراعت لاءِ فائديمند رهندو، پر هن منصوبي مان 450 ميگاواٽ بجلي به پيدا ٿيندي، جنهن سان علائقي ۾ بجليءَ جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن علائقي ۾ ڊرپ ۽ اسپر نڪلر ايريگيشن سسٽم تحت متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن سان پاڻي به گهٽ مقدار ۾ استعمال ٿيندو ۽ علائقي جي زرعي پيداوار جي به ترقي ٿيندي. هن منصوبي جي تڪميل لاءِ 8,732.128 ملين رکيا ويا آهن.


لفظ دروت ڊيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو